ايمني بلاول

ايمني بلاول(راڳڻي ):هي ڪلياڻ ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. هي هڪ قسم جو بلاول آهي، پر ايمن جو رنگ چٽو اٿس. ٻئي مڌم هن ۾ شامل آهن. هن ۾ کرج وادي سر آهي ۽ پنچم سموادي. آروهي ۾ مڌم تيور هنيو ويندو آهي ۽ انهيءَ ڪري ايمن جو رنگ چٽو ٿيندو آهي، پر امروهي ۾ مڌم شڌ سبب وري بلاول جو رنگ نکري ٿو. بلاول ۾ نکاد وڪر آهي. پر ايمني بلاول ۾ نکاد وڪر سر ناهي. هن راڳڻيءَ جي خاصيت آهي ته ايمن جي شڪل آروهي ۾ ۽ بلاول جي شڪل امروهيءَ ۾ ڏيکاري ٿي. هي راڳڻي ايمن ۽ بلاول جو مرڪب آهي.
هن راڳڻي جي آروهي: ساري گا ما گي مي پا ڌي ني ڌي سا ۽ امروهي: سا ني ڌي پا ما گي ما ري سا آهي ۽ صبح جي وقت ڳائبي آهي. نوٽ: هن راڳڻيءَ جو ذڪر ڪلياڻ ٺاٺ جي ضمن ۾ راڳ ساگر ۾ ٿيل ڪونه آهي.


لفظ ايمني بلاولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو